- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير، ايڪسرسائيز ڪيمبرين پئٽرول ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ پاڪ آرمي ٽيم سان ملاقات ڪئي آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ايڪسرسائيز ڪيمبرين پئٽرول مقابلا 4 کان 13 آڪٽوبر تائين برطانيه ۾ جاري رهيا.
آءِ ايس پي آر موجب، ايڪسرسائيز ڪيمبرين پئٽرول مقابلن ۾ 143 ٽيمن شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ايڪسرسائيز ڪيمبرين پئٽرول کي سڄي دنيا جي سڀ کان مشڪل فوجي مشق تصور ڪيو ويندو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ فوج جي ٽيم مثالي مهارت ۽ عزم جو مظاهرو ڪندي ڇهون ڀيرو گولڊ ميڊل حاصل ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چون آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي جي ساراهه ۽ ملڪ جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪرڻ تي واکاڻ ڪئي.- Advertisement -
