تازه ترين

جديد ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي، ٽيڪنالاجي ذريعي بيروزگاريءَ جا مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا : مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هي جديد ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي، ٽيڪنالاجي ذريعي بيروزگاريءَ جا مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا،آءِ ٽي ڪورسز سان روزگار ملي سگهي ٿو. وڏي وزير سيد مراد علي جي صدارت هيٺ آءِ ٽي ۽ يونيورسٽيز جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾  هڪ هزار گوگل ڪيريئر سرٽيفڪٽس اسڪالرشپ  ڏهن گورنمينٽ يونيورسٽيز جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته هڪ هزار اسڪالرشپس مان 50 سيڪڙو عورتن کي ڏنيون وينديون، هي ٽيڪنالاجي جو دور آهي، ٽيڪنالاجي سکي بيروزگاريءَ جا مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا. وڏي وزير چيو ته ٻارن ۽ نوجوانن کي آءِ ٽي ڪورسز ڪرايا وڃن، جن سان روزگار ملي سگهيئ اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، پروفيسر طارق رفيع ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
1 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.8 ° C
29.8 °
29.8 °
21 %
2.8kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون