- Advertisement -
روس جي اڀرندي ساحل تي 7 ڏهائي 2 شدت زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب زلزلي جو مرڪز ساحلي شهر پيٽروپاوولوسک ڪمچٽڪا کان 55 ڪلوميٽر پري هو ۽ ان جي گهرائي 18 ميل هئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته زلزلي جي جهٽڪن کانپوءِ سونامي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.
زلزلي کانپوءِ هينئر تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جا اطلاع ناهن مليا.
آمريڪي نيشنل سونامي وارننگ سينٽر موجب زلزلي سبب وڏي جاني نقصان ٿيڻ جو امڪان ناهي.- Advertisement -
