- Advertisement -
ننگرپارڪر جي تاريخي ڪارونجهر جبل سان لاڳاپيل ٻه اهم ڪيس سپريم ڪورٽ کان آئيني عدالت منتقل ڪيا ويا آهن، ڪيس جي پهرين ٻڌڻي 26 نومبر تي مقرر ڪئي وئي آهي.
سنڌ سرڪار جي وڪيل صلاح الدين طرفان 27هين آئيني ترميم خلاف وڪيلن جي عدالتي بائيڪاٽ سبب آئيني عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان معذرت ڪندي سنڌ جي قانون واري سيڪريٽري کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو.
وڪيل صلاح الدين احمد پنھنجي خط ۾ سنڌ حڪومت کي مشورو ڏنو آهي ته نئون وڪيل مقرر ڪيو وڃي.
ڪارونجهر جي بچاءَ لاءِ سرگرم ڌرين جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت کي هن موقعي تي مضبوط ڪيس تيار ڪري، نئون وڪيل مقرر ڪري عدالت آڏو سنڌ جي تاريخ، ماحول ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ اثرائتو موقف پيش ڪرڻ گهرجي.- Advertisement -
