- Advertisement -
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سنڌي ثقافت جي ڏھاڙي جي موقعي تي سموري دنيا ۾ ثقافت سان پيار ڪندڙن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه چيو ته سنڌ جي ثقافت دنيا جي قديم ترين ثقافتن مان هڪ آهي.
هن چيو ته سنڌ جي ثقافت پنھنجي خوبصورت روايتن، فنن، هٿ جي هنر، موسيقي، مهمان نوازي ۽ ادبي ورثي جي ڪري مشهور آهي.
اويس قادر شاهه چيو ته سنڌ جي زمين زرخيز هئڻ ڪري زراعت سنڌي ثقافت جو هڪ اهم حصو آهي، اجرڪ، ٽوپي ۽ ٻيو هٿ جو هنر سنڌي ثقافت جي سڃاڻپ آهن.
سندس چوڻ هو ته سنڌي موسيقي پنھنجي سادگي ۽ روحانيت جي ڪري دنيا ۾ مشهورآهي.
اسپيڪر سنڌ اسيمبلي چيو ته سنڌي ثقافت پنھنجي روايتن کي زندھ رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، سنڌ جي ثقافت اسان جي سڃاڻپ آهي.
اويس قادر شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌو درياھ تي نوان ڪينال ٺاهڻ وارو منصوبو سنڌ جو عوام رد ڪري چڪو آهي.- Advertisement -
