- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين، سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
لاڙڪاڻي ۾ شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي مرتضيٰ ڪلهوڙو، ڊاڪٽر بدر شيخ، نويد لاڙڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
شهداد ڪوٽ ۾ شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قلم ڌڻين پاران محمد يوسف ڪمبوهه، ديدار سومرو، خادم مگسي، محمد رفيق ڀٽي، احسان جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.
راڻيپور ۾ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ يونين جرنلسٽ پاران قربان منگي، امير شاهاڻي، گل حسن چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته جان محمد مهر جي قتل واقعي کي هڪ سال گذري ويو آهي، پر پوليس اڃا تائين قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.
مظاهرين جو چوڻ هو صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سموري سنڌ سراپا احتجاج آهي، پر حڪمرانن جي ڪنن تي جونءِ به نٿي چري.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي صحافي جان محمد مهر جي قتل ۾ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.- Advertisement -
