تازه ترين

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سينٽر آف ايڪسيلنس فار ڊس ايبلٽي انڪليوزن جو افتتاح ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سينٽر آف ايڪسيلنس فار ڊس ايبلٽي انڪليوزن جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سينٽر آف ايڪسيلنس فار ڊس ايبلٽي انڪليوزن زمان ٽائون ڪورنگي ڪراچي ۾ قائم ڪيو ويو آهي.

ترجمان موجب ڊي اي پي ڊي سنڌ حڪومت ۽ اين او ڊبليو پي ڊي پي جي سهڪار سان سينٽر آف ايڪسيلنس فار ڊس ايبلٽي انڪوزن قائم ڪيو ويو.

وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ هو ته سينٽر جو مقصد خاص ماڻهن جي لاءِ باعزت روزگار، تربيت ۽ سماجي شموليت کي هٿي ڏيڻ آهي.

ترجمان موجب افتتاحي تقريب ۾ سرڪاري اختيارين، خانگي ڪمپنين ۽ والدين ڀرپور شرڪت ڪئي.

سنڌ جي وڏي وزير خاص ماڻهن جي ڀرپور شموليت، خوشي ۽ جوش ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Pakistan
clear sky
20.9 ° C
20.9 °
20.9 °
41 %
3.2kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
29 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون