تازه ترين

نوشهروفيروز جي عدالتن ۾ جتوئي ڀائرن خلاف داخل چئن ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي

- Advertisement -
نوشهروفيروز جي مختلف عدالتن ۾ جتوئي ڀائرن خلاف 4 ڪيسن جون ٻڌڻيون ملتوي ڪيون ويون آهن. اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻيا بلاول زرداري قتل ۽ پوليس حملي ڪيسن ۾ نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيا. نوشهروفيروز جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ٻنهي ڪيسن جي ٻڌڻي 30 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ سندس ڀاءُ مسرور جتوئي سرڪاري پلاٽ جي ڪاغذن ۾ ڦيرڦار ۽ پوليس حملي ڪيس ۾ نوشهروفيروز جي ايڊيشنل سيشن جج ۽ اينٽي ڪرپشن جي عدالتن اڳيان پيش ٿيا. ٻنهي عدالتن طرفان ٻنهي ڪيسن جي ٻڌڻي 15 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
28 %
0.9kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون