- Advertisement -
سنڌ رينجرز طرفان سمگلنگ جي روڪٿام لاءِ آپريشنز جو سلسلو جاري آهي.
سنڌ رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ ايراني تيل جي سمگلنگ ۽ غيرقانوني خريد ۽ وڪري خلاف ڪارروايون ڪيون ويون.
ترجمان موجب، ڪارروايون شهباز ڳوٺ، ناردرن باءِ پاس، ڪي ڊي اي لنڪ روڊ ۽ سپر هاءِ جي ڀرپاسي ۾ ڪيون ويون.
ترجمان موجب، ڪاررواين دوران 16 هزار 750لٽر ايراني ڊيزل، 7 ڊجيٽل فلنگ يونٽ، 16 پيٽر انجن، 2 جنريٽر، 190 فٽ پلاسٽڪ پائپ، هڪ رائفل هٿ ڪئي وئي
رينجرز ترجمان ٻڌايو ته هٿ آيل ڊيزل ۽ ٻيو سامان وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ ڪسٽم اختيارين حوالي ڪيو ويو.
رينجرز ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسمگلنگ جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو….
- Advertisement -
