- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾گم ٿيل نينگري جي بازيابي بابت جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل نينگري سيده ديبا رضوي جي بازيابي بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سيده ديبا رضوي 14 ڊسمبر کان گم آهي، جاچ آفيسر سندس ڳولا لاءِ سنجيده نه آهي.
عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کان نينگري جي بازيابي بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي- Advertisement -
