سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب گڊو ۽ سکر بئراجن وٽ وڏي ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار آهي.
گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 5 لک 70 هزار 27 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 5 لک 42 هزار 809 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 5 لک 71 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 5 لک 18 هزار 120 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو وهڪرو 3 لک 853 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 89 هزار 98 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.