- Advertisement -
سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽو صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالتي مددگار جسٽس رٽائرڊ منظور ملڪ دليل ڏيندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ڦاهي بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي، لاهور جي اڇرا ٿاڻي جوابدار ٽريس نه ٿيڻ جو چئي جاچ بند ڪئي، پهرين ڪيس ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي نامزد ئي نه ڪيو ويو، 8 آگسٽ 1977ع تي هڪ دفعو ٻيهر ڪيس جو رڪارڊ حاصل ڪيو ويو، ٻيهر جاچ لاءِ مئجسٽريٽ کان ڪا لکت اجازت نه ورتي وئي، دستاويزن تحت ڪيس جو رڪارڊ وٺڻ کانسواءِ ئي جاچ ٻيهر شروع ڪئي وئي، قتل ڪيس جي جاچ بند ٿيڻ ۽ ٻيهر شروع ٿيڻ اهم ڳالهه آهي.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 9 رڪني بئنچ ذوالفقار علي کي ڦاهيءَ بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالتي مددگار جسٽس رٽائرڊ ملڪ دليل جي شروعات ڪئي ته چيف جسٽس چيو ته اوهان کي ڏوهاري پاسي تي ٻڌڻ چاهيون ٿا.
منظور ملڪ چيو ته اڳ ۾ آئيني پاسو آرٽيڪل 186 جي تشريح جو آهي، گذارش آهي کيس ائين ٻڌو وڦي جيئن اوهان 1978ع ۾ اپيل ٻڌي رهيا آهن.
عدالتي مددگار چيو ته ڪيس جي سمري تيار ڪئي آهي، اهو واقعو 11 ۽ 12 نومبر 1974ع جي وچ واري رات لاهور جي شادمان چوڪ تي پيش آيو.
هن چيو ته اڇرا ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ جاچ اهو چئي بند ڪئي وئي ته جوابدارن جو پتو نه پيو.
عدالتي مددگار چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس ۾ نامزد ئي نه هو، ڪيس جو رڪارڊ 8 آگسٽ 1977ع کي ٻيهر جاچ لاءِ ورتو ويو، ٻيهر جاچ لاءِ مئجسٽريٽ کان ڪا به لکت ۾ اجازت نه ورتي وئي.
هن چيو ته دستاويزن موجب ڪيس جو رڪارڊ بعد ۾ ورتو ويو، جاچ اڳ ئي ٻيهر شروع ٿي چڪي هئي.
عدالتي مددگار چيو ته 6 فيبروري 1979ع تي سپريم ڪورٽ جي ست رڪني بئنچ ڀـُـٽي جي سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.
جسٽس رٽائرڊ منظور ملڪ چيو ته سپريم ڪورٽ ذوالفقار ڀٽو ۽ شريڪ جوابدار جي سزا برقرار رکي، احمد رضا قصوري جي درخواست ئي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
هن چيو ته قتل جي پهريان جاچ بعد ۽ ٻيهر شروع ڪيئن ٿي اهو اهم آهي، پهريان جاچ بند ڪندي چيو ويو ته جوابدارن جي خبر نه پئي، پوليس مئجسٽريٽ کان ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.
- Advertisement -
