- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف قوم کي پاڪستان جي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اچو ته سڀ گڏجي پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪيون.
صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آزادي کان وٺي هن وقت تائين جي سفر ۾ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، پاڪ فوج، سول انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پختي عزم سان سلامتي ۽ خودمختياري کي يقيني بڻايو، دهشتگردي خلاف ٻن ڏهاڪن کان جاري ڊگھي جنگ ۾ فاتحاڻو ڪردار رهيو.
ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته تحريڪ آزادي جي اڳواڻن جي اڻٿڪ ۽ مسلسل سياسي جدوجهد سان ڏکڻ ايشيا مسلمانن لاءِ هڪ الڳ وطن ساڀيان ٿيو.
سندس چوڻ آهي ته موجوده حڪومت پاڪستان کي درپيش سنگين چئلينجن کان آگاهه آهي، مضبوط پاليسي سڌارن جي ذريعي ملڪي معاشي، بحالي ۽ خوشحالي لاءِ پرعزم آهن، غير معمولي حالتن جو مقابلو ڪندي ثابت قدمي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته انهن قدمن سان مهانگائي جي لهر تي ضابطو ايندو، اهو نه وسارڻ گهرجي ته اڄ جا ڏکيا فيصلا ايندڙ نسلن جو مستقبل طئي ڪندا، اچو ته گڏجي هڪ اهڙي پاڪستان لاءِ ڪم ڪريون جيڪو مذهبي، نسلي ۽ سياسي تعصب کان پاڪ هجي.- Advertisement -
