- Advertisement -
جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمد الله چيو آهي ته صدر جي اعتراضن مان ثابت ٿيو ته اصل مقصد مدرسن کي فيفٽ حوالي ڪرڻ آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ حافظ حمد الله چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن واري بل تي صدر جي اعتراضن سان ٻلي ٿيلهيءَ کان ٻاهر نڪري آئي آهي.
هن چيو ته اعتراضن مان ثابت ٿيو ته مدرسن کي فيفٽ حوالي ڪرڻ آهي، اهو به ثابت ٿيو ته پارليامينٽ پاڪستان نه پر فيٽف جي آهي.
حافظ حمد الله چيو ته قوم آڏو واضح ٿيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي پارليامينٽ قانونسازيءَ ۾ اڄ به آزاد ناهي، ايوان صدر وارن سوسائٽيز ايڪٽ پڙهيو ئي ناهي نه ته اعتراضن جي ضرورت ئي نه پوي ها……….- Advertisement -
