- Advertisement -
فرانس جو وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي وئي، مشيل بانيئر 3 مهينا وزيراعظم رهڻ کانپوءِ عهدي تان فارغ ٿي ويو.
577 رڪني پارليامينٽ ۾ بي اعتمادي رٿ لاءِ 288 ووٽ گهربل هئا، ساڄي ۽ کاٻي ڌر گڏجي 331 ووٽ ڏنا.
مقامي ميڊيا موجب، بي اعتمادي رٿ بجيٽ ووٽنگ بنا منظور ڪرائڻ جي ڪوشش تي آندي وئي.
ٻئي پاسي اپوزيشن جو چوڻ آهي ته بارنيئر بجيٽ بابت سندن مطالبا ٻڌڻ ۾ ناڪام رهيو.
سربراهه نيشنل ريلي پارٽي ميرين لي پين جو چوڻ هو ته ، بارنيئر کي فارغ ڪرڻ کانسواءِ ڪو رستو نه هو، هو صدر ميڪرون کان استعيفى جو مطالبو نٿا ڪن.
واضع رهي ته مشيل بانيئر کي صدر ايمانوئل ميڪرون ٽي مهينا اڳ وزيراعظم مقرر ڪيو هو.- Advertisement -
