- Advertisement -
مسلم ليگ نون سوات ۾ سياسي پاور شو ڪري رهي آهي جتي جلسي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
سوات جي ڪرسي گرائونڊ ۾ هزارين ڪرسيون لڳايون ويون آهن ۽ وڏي اسٽيج تيار ڪئي وئي آهي.
مسلم ليگ نون قائد نواز شريف، ن ليگ صدر شهباز شريف ۽ ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز جلسي کي خطاب ڪندا.
مسلم ليگ نون جي جلسي جي سڪيورٽي لاءِ غير معمولي انتظام ڪندي وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.- Advertisement -
