تازه ترين

ملڪ ۾ پوليو خلاف مهم اڄ کان شروع ٿي وئي

- Advertisement -
ملڪ ۾ پوليو خلاف مهم اڄ کان شروع ٿي وئي، جنهن ۾ 5 سالن تائين جي 4 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. ملڪ ۾ پوليو ڪيس ۽ مثبت ماحولياتي نمونن جي تسلسل سبب ملڪ ۾ پوليو مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ستن ڏينهن جي پوليو خلاف مهم اڄ کان 3 نومبر تائين جاري رهندي. لاڳاپيل پوليو مهم دوران ملڪ جي 159 ضلعن ۾ 4 ڪروڙ 54 لک ٻارن، جن ۾ ڪي پي جي 73 لک کان وڌيڪ، بلوچستان جي ساڍا 26 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ 14 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جي ڦڙا ڏنا ويندا. پوليو مهم دوران ٻارن جي قوت مدافعت ۾ واڌ لاءِ وٽامن اي جي اضافي خوراڪ به ڏني ويندي. صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته پوليو سندن ٻارن کي گهڻو نقصان پهچايو آهي ۽ ان جو خاتمو هڪ قومي هدف آهي. صحت واري وزارت طرفان والدين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته ويڪسين جي اهميت کي سمجهن ۽ پنهنجي ٻارن کي ان مهم ۾ پوليو کان بچاءَ جا قطرا لازمي پيارين، ڇو ته فيصلو اڄ ڪرڻو آهي، جيڪڏهن سڀاڻي ٻار کي پنڌ ڪرڻو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
32 %
1kmh
1 %
اربع
33 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون