تازه ترين

موسيٰ خيل واري علائقي راڙه شم ۾  هٿياربندن 23 ڄڻن کي گاڏين مان لاهي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو

- Advertisement -
بلوچستان ۾ دهشتگردي جي مختلف واقعن ۾ پوليس ۽ ليويز اهلڪارن سميت 35 ڄڻا قتل ٿي ويا جڏهن ته سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 12 دهشتگرد به مارجي ويا آهن. موسيٰ خيل واري علائقي راڙه شم ۾  هٿياربندن 23 ڄڻن کي گاڏين مان لاهي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو. ايس ايس پي موسيٰ خيل ايوب اچڪزئي  جو چوڻ آهي ته سمورن ماڻهن کي مسافر بسن ۽ ٽرڪن مان لاهي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته هٿياربندن بين الصوبائي شاهراهه تي ناڪو هڻي مسافرن کي بسن مان لاهي قتل ڪيو. ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هٿياربندن ڏهن گاڏين کي باهه به ڏئي ڇڏي. هن چيو ته اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ ليويز واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. قلات ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس ۽ ليويز اهلڪارن سميت 10 ڄڻا مارجي ويا. ايس ايس پي قلات دوستين دشتي جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ پوليس جو سب انسپيڪٽر، 4 ليويز اهلڪار ۽ 5 شهري مارجي ويا آهن. ايس ايس پي قلات دوستين دشتي موجب، فائرنگ بعد جوابدار فرار ٿي ويا جڏهن ته علائقو  ڪليئر ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. سڪيورٽي ذريعن موجب، 24 ۽ 25 آگسٽ جي رات دهشتگردن بلوچستان جي مختلف هنڌن تي بزدلاڻا حملا ڪيا. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بزدلاڻي حملن جو اثرائتو جواب ڏئي رهيا آهن، جوابي ڪارروائين ۾ هن وقت تائين 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترائي زخمي به ٿي چڪا آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب، دهشتگردن جي خاتمي تائين سڪيورٽي فورسز جو آپريشن جاري رهندو. مستونگ ضلعي جي کڏ ڪوچه ويجهو ليويز ٿاڻي تي هٿياربندن حملو ڪيو، جڏهن ته سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪري ٿاڻي تان هٿياربندن جو قبضو ختم ڪرائي ڇڏيو. ذريعن موجب، هٿياربندن ٿاڻي ۾ موجود ڪيتريون ئي گاڏيون، موٽرسائيڪلون ۽ رڪارڊ ساڙي ڇڏيو، جڏهن ته ٿاڻي ويجهو اڻڄاتل شخص جو لاش به هٿ آيو آهي. بولان جي علائقي دوزان ۾ ريلوي پل کي ڌماڪي سان تباهه ڪيو ويو. ريلوي ذريعن موجب، پل ڌماڪي سبب ٽرينن جي اچ وڃ معطل ٿي وئي جڏهن ته ڌماڪي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33 ° C
33 °
33 °
21 %
3.6kmh
0 %
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون