تازه ترين

موٽر وي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل کانپوءِ ڪرپشن جي ٻئي وڏي اسڪينڊل جو انڪشاف

- Advertisement -
حيدرآباد سکر موٽروي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل کانپوءِ ڪرپشن جو هڪ ٻيو وڏو اسڪينڊل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، مٽياري ضلعي ۾ 12 ورهين اندر 34 ارب رپيا ترقياتي ڪمن جا هڙپ ڪيا ويا. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پاران مانيٽرنگ ٽيم کي خط لکڻ  کانپوءِ ڪرپشن اسڪينڊل ظاهر ٿيو جڏهن ته مانيٽرنگ ٽيم پاران تيار ڪيل رپورٽ ۾  ڪرپشن جا وڏا راز ظاهر ٿي پيا آهن. سنڌ ٽي وي نيوز  مانيٽرنگ ٽيم پاران جاري ڪيل رپورٽ جي ڪاپي هٿ ڪري ورتي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صوفي يونيورسٽي جي اڏاوت لاءِ زمين جي خريداري ۽ پبلڪ اسڪول جي فنڊن ۾ ڪرپشن ڪئي وئي. جاري ڪيل رپورٽ موجب، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جي آفيس سميت ايڪسائيز آفيس، اڪائونٽس آفيس ۽ جوڊيشل ڪامپليڪس جي اڏاوت ۾ غير معياري ڪم ڪرائي پئسا هڙپ ڪيا ويا آهن، ضلعي جي مختلف 225 اسڪيمن ۾ 111 اسڪيمن کي غير تسلي بخش قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مٽياري ضلعي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جي ور چڙهيل ٽن اسڪيمن جو زمين تي ڪوبه وجود ناهي رڳو ڪاغذن ۾ اسڪيمون موجود آهن. جاچ ٽيم جي رپورٽ موجب، بلڊنگ کاتي جي آفيسرن اربين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا آهن سموريون عمارتون زبون حال آهن، ضلعي جي مختلف علائقن ۾ نوان تعمير ٿيندڙ 160 آر او پلانٽس به مڪمل طور ناڪام پيل آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مٽياري ضلعي ۾ 17 ورهين اندر ڪابه ترقياتي اسڪيم مڪمل ناهي ٿي، ضلعي ۾ 15 ورهين ۾ ٽيون وڏو ڪرپشن جو اسڪينڊل سامھون آيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
7 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
29.8 ° C
29.8 °
29.8 °
31 %
2.2kmh
21 %
جمعو
32 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
32 °
اڱارو
29 °

تازه ترين خبرون