تازه ترين

نئين ديري ويجهو جيها ۽ ڏاهاڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل

- Advertisement -
نئين ديري ويجهو جيها ۽ ڏاهاڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنهن تڪرار تان هٿياربندن جي  فائرنگ ۾  2 ڄڻا قتل ٿي ويا. ڳوٺ ابراهيم جي وانڊ ڀرسان اياز علي ۽ محمد حسن جيهو وارهه ريگيوليٽر وٽ مڇي ماري رهيا هئا ته هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري ڏني. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جيها ڌر جا 2 ڄڻا اياز حسين ۽ محمد حسن جيهو مارجي ويا. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ  پهچي اياز حسين جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته مارجي ويل محمد حسن گولي لڳڻ بعد وارهه واهه ۾ ڪري پيو جنهن جو لاش هٿ نه اچي سگهيو. وارثن جو چوڻ آهي ته ڏاهاڻي برادري جي هٿياربندن شريف، رحيم ۽ پيارو ڏاهاڻي پنهنجي ساٿين سان گڏجي گوليون هڻي اسان جي ٻن ماڻهن کي قتل ڪيو آهي. هنن چيو ته ڏاهاڻي برادري جي ماڻهن اڳ ۾ به سندن ٻن نوجوانن کي قتل ڪيو هو، پوليس هن وقت تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو جيها – ڏاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان  پيش آيو آهي. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اياز علي ۽ محمد حسن وارهه ريگيوليٽر وٽ مڇي ماري رهيا هئا ته ڳوٺ پيارو ڏاهاڻي واسي ڏاهاڻي ڌر جي هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ ٻئي ڄڻا مارجي ويا آهن. پوليس موجب فائرنگ دوران  هڪ ڄڻو محمد حسن وارهه ڪئنال ۾ ڪري پيو آهي، جنهن جي لاش جي ڳولا مقامي ٽوٻن جي مدد سان ڪري رهيا آهيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
27 %
2.4kmh
81 %
سُومر
24 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون