ناڪاري سياست ۽ قومي ملڪيتن تي چڙهائي تحريڪ انصاف ٽولي جي ايجنڊا آهي : راڻا تنوير حسين

- Advertisement -
وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ناڪاري سياست ۽ قومي ملڪيتن تي چڙهائي تحريڪ انصاف ٽولي جي ايجنڊا آهي، سازشي عنصرن ملڪي معيشيت کي نقصان پهچائڻ ۾ ڪابه ڪسر ناهي ڇڏي، تحريڪ انصاف جا وڳوڙي رڳو ڊي چوڪ تي حملو ڪرڻ جي رٿابندي ڪن ٿا، هو پي ٽي آءِ کي سياسي پارٽي نٿو مڃي، هي وڳوڙين جو ٽولو آهي، جڏهن به ڪو پرڏيهي مهمان اچي ٿو ته وڳوڙي پنهنجي ڏڦيڙ واري سياست شروع ڪن ٿا، تحريڪ انصاف باني جي سياست جي ايجنڊا ئي ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ آهي. شيخوپورا ۾ تقريب کي خطاب راڻا تنوير حسين چيو ته معيشيت جي ترقي ۾ هاري ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکن ٿا، پي ٽي آءِ حڪومت جي هاري دشمن پاليسين زراعت کي نقصان پهچايو. سندس چوڻ هو ته ٽريڪٽر جي فراهمي ۾ پنجاب سرڪار 10 لک رپين تائين سبسڊي ڏئي رهي آهي. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته پنجاب ۾ هاري ڪارڊ جي اسڪيم متعارف ڪرائي وئي آهي، هارين کي پيداوار جي صحيح قيمت ڏني ويندي. هن چيو ته ناڪاري سياست ۽ قومي ملڪيتن تي چڙهائي تحريڪ انصاف ٽولي جي ايجنڊا آهي، سازشي عنصرن ملڪي معيشيت کي نقصان پهچائڻ ۾ ڪابه ڪسر ناهي ڇڏي. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته تحريڪ انصاف جا وڳوڙي رڳو ڊي چوڪ تي حملو ڪرڻ جي رٿابندي ڪن ٿا، هو پي ٽي آءِ کي سياسي پارٽي نٿو مڃي، هي وڳوڙين جو ٽولو آهي، جڏهن به ڪو پرڏيهي مهمان اچي ٿو ته وڳوڙي پنهنجي ڏڦيڙ واري سياست شروع ڪن ٿا، تحريڪ انصاف باني جي سياست جي ايجنڊا ئي ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ آهي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.5 ° C
29.5 °
29.5 °
35%
5.3m/s
20%
ڇنڇر
26 °
آچر
29 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون