تازه ترين

نيب سکر جي ڪارروائي، هڪ هزار 94 ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضو ختم ڪرائي ورتو

- Advertisement -
قومي احتساب بيورو سکر ضلعي جي تعلقي نارا ۾ هڪ هزار 94 ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زمين تان 57 بااثر ماڻهن جو قبضو ختم ڪرائي ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي  هدايت تي نيب سکر ٻيلي جي زمين تي قبضي، غيرقانوني الاٽمينٽ ۽ رڪارڊ ۾ غير قانوني ڦير ڦار جي ڪيسن جي جاچ ڪئي. نيب جاچ مڪمل ٿيڻ بعد سکر ٻيلي کاتي جي آفيسرن، اهلڪارن ۽ ٻين خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني وئي. تفصيلي جاچ دوران روينيو کاتي ۽ ٻيلي کاتي کان بااثر ماڻهن جي حق ۾ ٻيلي جي زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ بابت لاڳاپيل رڪارڊ حاصل ڪيو ويو. نيب سکر ٻيلي کاتي جي زمين ختم ڪرائڻ جي حوالي سان سمورا  قدم کنيا. نيب سکر جي ڪاوشن سان نارا تعلقي ۾ 13 ملين کان وڌيڪ ماليت جي ٻيلي کاتي جي زمين تان بااثرن جا قبضا ڪراياويا. روينيو اختيارين الاٽمينٽ جون داخلائون منسوخ ڪري ڇڏيون آهن جيڪي اڳ ۾ پرائيويٽ ماڻهن جي حق ۾ الاٽ ڪيون ويون هيون. نيب موجب روينيو کاتي جي رڪارڊ ۾ هاڻي زمين ٻيلي کاتي جي نالي تي داخل ڪئي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
16 %
3kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون