تازه ترين

نيب ماضي ۾ ماڻهن کي انتقام جو نشانو بڻائيندي رهي آهي : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نيب ماڻهن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائيندي رهي آهي. اسلام آباد ۾ منرل سمٽ جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪرپٽ ماڻهن جي ڪرپشن کي نظرانداز ڪيو ويو، نيب ماڻهن کي سياسي انتقام جو بڻائيندي رهي. هن چيو ته بدقسمتي سان معاشرو ورهائجي چڪو آهي،  ماڻهن جي ذهنن ۾ زهر وڌو ويو آهي، موجوده صورتحال ۾ ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ ممڪن ناهي. سندس چوڻ هو ته ٿرڪول دنيا جي وڏن ڪوئلي جي منصوبن مان هڪ آهي، ريڪوڊڪ منصوبو ملڪي تاريخ ۾ خاص اهميت رکي ٿو، 75 سالن دوران پنهنجي قيمتي دولت تي ڌيان ئي نه ڏنو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ماضي جي غلطين مان سبق سکي اڳتي وڌڻو آهي،  ڳالهيون گهڻيون ٿيون آهن، هاڻي ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جنگ هاڻي ڪو به آپشن نه رهي آهي، پاڪستان ائٽمي طاقت آهي پر اها طاقت ڪنهن ملڪ خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ ناهي. سندس چوڻ هو ته پاڙيسرين کي سمجهڻ گهرجي ته امن لاءِ رهڻ گهرجي ۽ مسئلن جي حل لاءِ  بامقصد ڳالهيون ڪيون وڃن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته  غربت جي خاتمي لاءِ ۽ عوام جي مفادن لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
25 %
3.1kmh
3 %
ڇنڇر
26 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
37 °
اربع
36 °

تازه ترين خبرون