نيتن ياهو انٽوني بلنڪن سان ملاقات ۾ حماس جي قيد ۾ يرغمالين جي آزاديءَ بابت آمريڪا جي نئين تجويز جي آجيان ڪئي ۽ حمايت جو يقين ڏياريو

- Advertisement -
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو انٽوني بلنڪن سان ملاقات ۾ حماس جي قيد ۾ يرغمالين جي آزاديءَ بابت آمريڪا جي نئين تجويز جي آجيان ڪئي ۽ حمايت جو يقين ڏياريو. اسرائيلي ميڊيا موجب آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن وزيراعظم نيتن ياهو سان 3 ڪلاڪ ملاقات ڪئي ۽ غزه ۾ جنگ بندي ڳالهين بابت مختلف نقطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آمريڪي پرڏيهي وزير اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي حماس جي قيد ۾ بڻيل اسرائيلي قيدين جي آزادي لاءِ ڪجهه تجويزون پيش ڪيون. ٻنهي اڳواڻن تجويز جي فائدن ۽ نقصانم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو يرغمالين جي آزادي جي آمريڪي تجويز جي حمايت ڪئي. اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس مان جاري ڪيل پيغام ۾ ملاقات کي مثبت قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته هو يرغمالين جي آزادي بابت آمريڪي تجويز جي آجيان ڪن ٿا. جيڪو اسرائيل جي سيڪيورٽي ضرورتن کي نظر ۾ رکي ٿو ۽ جنهن تي عمل ڪرڻ تي اسان زور ڀريون ٿا. اهو اڃا واضح ناهي ته نئين آمريڪي تجويز ڇا آهي ۽ حماس جو ان تي موقف ڇا آهي، پر دوحا ۾ ڳالهين ڪندڙن دعويٰ ڪئي آهي ته اهي تجويزون نه رڳو اسرائيل پر حماس لاءِ به قابل قبول هونديون……………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
26%
4.3m/s
46%
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون