هٿياربند فوج طرفان قوم کي 84 هين پاڪستان جي ڏهاڙي جون واڌايون

- Advertisement -
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ ٽنهي سروسز جي سربراهن قوم کي پاڪستان ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏني آهي. پاڪ فوج طرفان آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ فوج جي سربراهن پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي ڏينهن ننڍي کنڊ ​​جي مسلمانن جي انهن عظيم ڪوششن جي ياد ڏياري ٿو جيڪي هڪ الڳ وطن لاءِ ڪيون ويون هيون، اڄوڪو ڏينهن وڏڙن جي بي مثال قربانين جي ياد ڏياري ٿو، وڏڙن پاڪستان جي قيام لاءِ لازوال جدوجهد ڪئي. فوجي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اڄ والاريل ڪشمير ۽ ڀارت ۾ مسلمان فاشسٽ حڪمرانن جي ظلمن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هي ظلم ۽ بربريت کين آزادي جي اهميت ۽ قدر جو احساس ڏياري ٿو، الحمد الله اڄ اسان آزاد هوائن ۾ خوش ۽ پنهنجي آزادي جو احترام ڪري رهيا آهيون. آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اڄ هٿياربند فوج وطن جي حفاظت لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائي رهي آهي.، پاڪستان جي سالميت ۽ علائقائي سلامتي جو هر قيمت تي دفاع ڪيو ويندو ۽ پاڪستاني جهنڊو هر قيمت تي سربلند رکيو ويندو، انشاءَ الله.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
37%
2.8m/s
28%
اربع
23 °
خميس
29 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون