- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف اقتصادي رابطا ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪري ڇڏي، اقتصادي رابطا ڪميٽي جو چيئرمين ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب هوندو.
وزيراعظم شهباز شريف اقتصادي رابطا ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪري ڇڏي.
اقتصادي رابطا ڪميٽي جي ٻيهر جوڙجڪ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، اقتصادي رابطا ڪميٽي جو چيئرمين ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب هوندو.
اقتصادي معاملن وارو وزير، واپار وارو وزير، توانائي وارو وزير، پيٽروليم وارو وزير ۽ پلاننگ وارو وزير اي سي سي جا ميمبر هوندا.
22 مارچ تي وزيراعظم شهباز شريف اقتصادي رابطا ڪميٽي سميت 6 اهم ڪابينا ڪميٽيون جوڙيون هيون.
وزيراعظم جي سربراهيءَ ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي ستن ميمبرن تي ٻڌل هئي.- Advertisement -
