- Advertisement -
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته سندس دل ۾ انتقام جو ڪوبه جذبو ناهي، وزيراعليٰ جي ڪرسي تي ويهي ڪنهن جي خلاف فيصلو ڪرڻو هجي ته دل تي پٿر رکي ڪندي آهي، وزيراعليٰ جي ڪرسي سندس لاءِ آسان نه هئي، باهه جو درياهه پار ڪري پهچڻو پيو.
لاهور جي چوهنگ پوليس ٽريننگ ڪاليج ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ 530 عورت اهلڪار آهن، کيس خوشي آهي ته اڄ پهرين عورت اهلڪار کي اعزازي شمشمير ملي.
سندس چوڻ هو ته اڄ پهريون ڀيرو پوليس يونيفارم پهريو ته اندازو ٿيو ته ڪيتري ذميواري آهي، پوليس جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ عورتن تي فخر آهي.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته کيس اوهان سڀني تي فخر آهي، جڏهن کان هن وزيراعليٰ جو قسم کنيو تڏهن کان هوءَ هن تقريب جو انتظار ڪري رهي هئي.
هن چيو ته پنجاب ۾ ست هزار عورت پوليس اهلڪار آهن، پوليس ۾ عورتن جو انگ وڌائڻ گهرجي، ليڊي پوليس اهلڪار سپر هيومن آهن، عورتون نرم دل هونديون آهن، ان لاءِ معاف ڪري ڇڏينديون آهن.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته ظالم لاءِ اوهان جي دل ۾ ڪابه نرمي نه هئڻ گهرجي، مظلوم جي دانهن ورنايو ۽ ظالم کي کيس انجام تائين پهچايو.- Advertisement -
