- Advertisement -
وفاقي حڪومت ايندڙ پندرنهن ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي نين قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي في لٽر قيمت ۾ 2 رپيا 43 پيسا اضافو ڪيو ويو جڏهن ته ڊيزل 3 رپيا 2 پيسا في لٽر مهانگو ڪيو ويو.
نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي 2 رپيا 43 پيسا في لٽر مهانگو ڪرڻ کانپوءِ نئون اگهه 265 رپيا 45 پيسا في لٽر مقرر ڪيو ويو جڏهن ته ڊيزل جي في لٽر قيمت 278 رپيا 44 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي.
اهڙي طرح گاسليٽ 3 رپيا 34 پيسا في لٽر مهانگو ڪيو ويو جنهن کان ان جي نئين قميت 185 رپيا 5 پيسا في لٽر ٿي وئي آهي
نوٽيفڪيشن موجب، نوان اگهه رات ٻارهين وڳي کان لاڳو ٿي ويا آهن- Advertisement -
