تازه ترين

وڏي وزير مراد علي شاهه آبادگارن ۾  نومبر  جي ٻئي هفتي ۾ ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ ورهائڻ جي هدايت

- Advertisement -
- Advertisement -

وڏي وزير مراد علي شاهه آبادگارن ۾  نومبر  جي ٻئي هفتي ۾ ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ ورهائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ آبادگارن لاءِ ڪڻڪ جي امدادي اگهه بابت اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ زراعت واري صوبائي وزير محمد بخش مهر،  چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه،  وڏي وزير جي سيڪريٽري عبدالرحيم شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته امدادي اگهه ۽ خريداري نه ٿيڻ سبب ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿي آهي.

هن چيو ته فوڊ سڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪڻڪ جي پوکي لاءِ 55 ڏهائي 8 بلين رپين جو پئڪيج ڏنو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته 25 ايڪڙ زمين رکندڙ آبادگارن کي ڊي اي پي  جي هڪ ۽ يوريا جون ٻه ٻوريون ڏنيون وينديون.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ 41 لک 14 هزار 408 آبادگارن وٽ 22 لک 62 هزار 746 ايڪڙ زمين آهي.

هن چيو ته پ پ حڪومت 22 لک 62 هزار 746 ڊي اي پي ۽ 45 لک 25 هزار  492  يوريا جون ٻوريون ورهائيندي.

سندس چوڻ هو ته ڪڻڪ جي سروي ۽ ڪڻڪ جي فصل جي تصديق جي سروي کانپوءِ  ڀاڻ ڏنو ويندو.

وڏي وزير مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته نومبر جي ٻئي هفتي کان ڊي اي پي ۽ يوريا جي ورڇ ڪئي ويندي.

هن چيو ته ڪڻڪ جو بمپر فصل يقيني بڻايو وڃي،  آبادگارن کي سٺو امدادي اگهه ڏنو ويندو…….

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
27 %
8.5kmh
5 %
ڇنڇر
24 °
آچر
27 °
سُومر
14 °
اڱارو
20 °
اربع
21 °

تازه ترين خبرون