پاڪستان جي نئين صدر جي چونڊ لاءِ پولنگ اڄ ٿي رهي آهي

- Advertisement -
پاڪستان جي نئين صدر جي چونڊ لاءِ پولنگ اڄ ٿي رهي آهي جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. پارليامينٽ هائوس ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ قائم پولنگ اسٽيشنن تي چونڊيل ميمبر صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق استعمال ڪري سگهندا. صدارتي چونڊ ۾ حڪمران اتحاد جي آصف علي زرداري ۽ سني اتحاد ڪائونسل محمود خان اچڪزئي ۾ ون ٽو ون مقابلو ٿيندو. سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر پارليامنٽ هائوس ۾ اسيمبلي هال ۾ پنهنجو ووٽ وجهندا. صدر جي چونڊ گجهي راءِ شماري جي بنياد تي ٿيندي جتي سينيٽ، قومي اسيمبلي، بلوچستان اسيمبلي جي هر ميمبر جو هڪ ووٽ شمار ٿيندو جڏهن ته پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جي انگ کي بلوچستان اسمبلي جي برابر ووٽن ۾ ورهائي شرح ڪڍي ويندي. واضع رهي ته حڪمران اتحاد جي آصف علي زرداري کي واضح سرسي، 400 کان وڌيڪ اليڪٽورل ووٽ ملڻ جو چٽو امڪان آهي، جڏهن ته محمود خان اچڪزئي کي 200 جي لڳ ڀڳ ووٽ ملڻ جو امڪان آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
33%
3.9m/s
59%
اڱارو
21 °
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون