پنجاب حڪومت، وفاقي سرڪار کي انتهاپسند پارٽي تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي سفارش جو فيصلو ڪيو آهي.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبي ۾ نفرت پکيڙڻ، چڙ ڏيارڻ ۽ قانون ٽوڙڻ ۾ ملوث ماڻهن کي فوري گرفتار ڪيو ويندو.
اجلاس جي پڌرائي موجب، پنجاب حڪومت، وفاقي سرڪار کي انتهاپسند پارٽي تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪندي، انتهاپسند پارٽي جي قيادت کي دهشتگردي ٽوڙ ايڪڙ جي فورٿ شيڊول ۾ شامل ڪيو ويندو.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پوليس آفيسرن جي شهادت، سرڪاري ملڪيتن جي تباهي ۾ ملوث اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪيس هلايا ويندا، انتهاپسند پارٽي جي سموري ملڪيت ۽ اثاثا اوقاف کاتي جي تحويل ۾ ڏنا ويندا، انتهاپسند پارٽي جي پوسٽرن، بينرن ۽ اشتهارن تي مڪمل پابندي هوندي.
اجلاس جي پڌرائي موجب، نفرت پکيڙيندڙ انتهاپسند پارٽي جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ بند ۽ بينڪ اڪائونٽ منجمد ڪيا ويندا، لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي سخت ڪارروائي ٿيندي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب جي گهرو کاتي طرفان هڪ مهيني ۾ غيرقانوني هٿيار جمع ڪرائڻ جو اليٽيميٽم جاري ڪيو ويو آهي، مهيني اندر شهري پنهنجي قانوني هٿيارن کي خدمت مرڪز مان رجسٽرڊ ڪرائن.
اجلاس جي پڌرائي موجب، هٿيار وڪرو ڪندڙن ۽ سمورن ڊيلرن جي اسٽاڪ جو معائنو ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي، پنجاب ۾ هٿيارن جا نوان لائسنس جاري ڪرڻ تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب حڪومت طرفان وفاقي سرڪار کي هٿيارن جي فيڪٽرين ۽ مينوفيڪچرز کي ريگولرائز ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته صوبائي حڪومت غيرقانوني هٿيار رکڻ جي سزا ۾ اضافي جي منظوري به ڏئي ڇڏي.
اجلاس جي پڌرائي موجب، پنجاب ۾ غيرقانوني هٿيار رکڻ ضمانت نه ٿيڻ جوڳو ڏوهه هوندو، غيرقانوني هٿيار رکڻ جي سزا 14 سال قيد ۽ 20 لک رپيا ڏنڊ هوندي.