- Advertisement -
ٿرڙي محبت ڀرسان ڦر مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جهل مگسي واسي اي آءِ اي قتل ٿي ويو جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، مارجي ويل جو لاش ۽ زخمين کي ميهڙ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
انڊس هاءِ وي تي بريدارو پوليس چوڪي ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن لاڙڪاڻي کان ميھڙ ايندڙ ڪار ۽ مسافر ڪوچ کي روڪي عورتن سميت مسافرن کان ڦرلٽ ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا.
فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪوچ ۾ سوار جهل مگسي واسي اي ايس آءِ غلام عباس مگسي گولين جو کاڄ بڻجي ويو جڏهن ته ڪلينر خالد راھوجو ۽ ڪار سوار مصري خان جتوئي زخمي ٿي پيا، مارجي ويل جو لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال ميهڙ منتقل ڪيو ويو.
اسپتال ۾ موجود ڪوچ ڊرائيور منور راھوجو، ڪار سوار آفتاب احمد ۽ ٻين ٻڌايو ته هو لاڙڪاڻي کان ميھڙ اچي رھيا هئا ته ھٿياربندن روڊ تي پلال رکي روڊ بند ڪري سرعام ڦر لٽ ڪري رھيا ھئا.
هنن ٻڌايو ته هٿياربندن ڪار ۾ سوار عورتن جا زيور لاھڻ بعد سوار مصري خان جتوئي کي فائرنگ ڪرڻ بعد زخمي ڪيو ۽ مسافر ڪوچ کي بيھارڻ لاءِ فائرنگ ڪئي.
واقعي جي اطلاع باوجود ٿرڙي محبت ۽ ميھڙ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي نه سگھي هئي…- Advertisement -
