ڪراچي: شهرين جي فائرنگ ۾ 3 مبينا ڦورو مارجي ويا

- Advertisement -
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ رمضان المبارڪ دوران  ڦرلٽ جي وارداتن ۾ اضافو ٿي ويو، شهرين جي فائرنگ ۾ ٽي مبينا ڦورو مارجي ويا. ناظم آباد جي علائقي ۾ ناظم آباد ميٽرڪ بورڊ آفيس طرفان شهري جي فائرنگ ۾ 2 مبينا ڦورو مارجي ويا. ايس ايس پي سينٽرل جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو واقعو ڦر دوران پيش آيو، مارجي ويل ڦورن جي جي سڃاڻپ نصيب زر ۽ نواب زر جي نالن سان ٿي، سندن قبضي مان هٿيار مليا آهن. پوليس موجب، مارجي ويل ڦورو دانش ۽ شاهزيب نالي شهرين کان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا، شهري دانش ڦورن جو پيڇو ڪري مٿن فائرنگ ڪئي. ٻئي پاسي شفيق موڙ ڀرسان گارڊ جي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو جڏهن ته ٻيو فرار ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڦورو فيملي کان ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته گاڏي ۾ سوار گارڊ مٿن فائرنگ ڪئي. ٻئي پاسي سپر هاءِ وي تي پوليس يونيفارم پهرين جوابدار شهري کان ڦرلٽ ڪئي ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ اڍائي لک ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9 ° C
9 °
9 °
29%
1.9m/s
0%
آچر
9 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °

تازه ترين خبرون