- Advertisement -
ڍاڪا ۾هزارين مظاهرين بنگلاديش جي روپوش اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي اباڻي گهر کي باهه لڳائي ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب شيخ حسينه واجد پاران سوشل ميڊيا تي حامين کي خطاب جي اعلان تي احتجاج ڪيو ويو، مظاهرين ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن شيخ حسينه واجد تقرير ڪئي ته سندس خانداني گهر کي ڊاهيو ويندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب شيخ حسينه واجد تقرير شروع ڪئي ته مڇريل ماڻهن سندس اباڻي گهر جو گهيراءُ ڪري باهه لڳائي ڪرين مشين سان ديوارين کي ڊاهيو.
ڍاڪا ۾ واقع هي گهر شيخ حسينه جي والد شيخ مجيب الرحمان جو هو، شيخ حسينه پنهنجي اباڻي گهر کي ميوزيم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو.
شيخ حسينه واجد گذريل سال ملڪ ۾ ٿيندڙ پرتشدد احتجاج بعد ڀارت فرار ٿي وئي هئي، بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه ڊاڪٽر محمد يونس ڀارت کان ڪيترائي ڀيرا شيخ حسينه واجد جي واپسي جو مطالبو ڪري چڪو آهي…- Advertisement -
