تازه ترين

ڪراچي پاڪستان جي معيشيت، تخليق ۽ استقامت جي ڌڙڪن آهي، دي رڳو ڪراچي ملڪ جي ڪل ايڪسپورٽ جو تقريبن 50 سيڪڙو فراهم ڪري ٿو :مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جي معيشيت، تخليق ۽ استقامت جي ڌڙڪن آهي، دي رڳو ڪراچي ملڪ جي ڪل ايڪسپورٽ جو تقريبن 50 سيڪڙو فراهم ڪري ٿو. فيوچر سمٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته موجوده بجيٽ ۾ 959 رپيا ترقياتي منصوبن جي لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سڌارن آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن جن سان ڪاروباري عمل کي آسان بڻايو ويو آهي، سنڌ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي مضبوط ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز کان شاهراهه ڀٽُ ۽ ڪراچي سيف سٽي تائين عوامي فلاح پهريون مقصد آهي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته دنيا تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي، مصنوعي ذهانت ۽ موسمياتي تبديلي عالمي نقشا تبديل ڪري رهيا اهن. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ تي وڌندڙ شهري آبادي، آمدني ۾ فرق ۽ موسمياتي چئلينجن جو بار آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ پاڪستان جي معيشت جو ٻيو نمبر وڏو مرڪز آهي، جيڪو قومي جي ڊي پي ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو ڏئي ٿو. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته صرف ڪراچي ملڪ جي ڪل ايڪسپورٽ جو 50 سيڪڙو فراهم ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته موجوده بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ 959 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. وڏي وزير جو چوڻ هو ته ايندڙ سال جو تجويز ڪيل بجيٽ 3 ڏهائي 45 ٽريلين رپيا آهي، تعليم لاءِ 523 ڏهائي 7 ارب رپيا رڪارڊ بجيٽ مخصوص ڪيو ويو آهي. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اي-گورننس ذريعي، بيوروڪريسي کي گهٽايو پيو وڃي ۽ خدمتن ۾ سولائي پيدا ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته ترقي جو پئمانو رڳو جي ڊي پي نه بلڪ جامع ۽ پائيدار هئڻ گهرجي، انساني سيڙپڪاري، پائيدار شهريت ۽ موسمياتي مزاحمت اسان جي ترجيح آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ سيڙپڪاري جي لاءِ پرڪشش منزل آهي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته 2022ع جي ٻوڏ ثابت ڪيو ته پائيداري کانسواءِ ترقي ۽ فريب آهي، سنڌ ساوڪ ۽ ڊجيٽل معيشيت طرف وڌي رهي آهي. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ جو سڀ کان وڏو اثاثو ان جا نوجوان آهن، 60 سيڪڙو آبادي 30 سال کان گهٽ عمر جي آهي، نوجوان رڳو روزگار جي ڳولا ڪندڙ نه بلڪ روزگار پيدا ڪندڙ آهن. وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت نوجوانن کي مستقبل جي معيشيت جي لاءِ تيار ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته پيشيوراڻي ۽ ڊجيٽل تربيت کي هٿي ڏئي رهيا آهيون، سنڌ ۾ اهڙو نظام ٺاهي رهيا آهيون جتي ڪنهن نوجوان کي ڪاميابي لاءِ صوبو نه ڇڏڻو پوي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته سڌارن کي داد مٿان ترجيح ڏيڻ ئي اصل قيادت آهي، اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ نوان رستا ٺاهڻا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اهي عالمي تبديلين کي روڪي نٿا سگهن پر پنهنجو رخ درست ڪري سگهون ٿا. وڏي وزير جو چوڻ هو ته اچو واعدو ڪريون ته اسان معيشيت، حڪمراني ۽ مستقبل جا نوان رخ مقرر ڪنداسين، مستقبل انهن جو آهي جيڪي ان کي نئين سر مقرر ڪرڻ جي همت رکن ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.1 ° C
9.1 °
9.1 °
16 %
1kmh
0 %
سُومر
9 °
اڱارو
17 °
اربع
18 °
خميس
19 °
جمعو
20 °

تازه ترين خبرون