- Advertisement -
ڪراچيءَ جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڀارت جي مسافر بردار جهاز کي ايمرجنسي جي بنياد تي ليڊنگ جي اجازت ڏني وئي.
ايوي ايشن ذريعن جو چوڻ آهي ته دهلي کان جده ويندڙ ڀارتي ايئرلائين جي اڏام کي ڪراچي ۾ ميڊيڪل ايمرجنسي ليڊنگ جي اجازت ڏني وئي.
ذريعن موجب، ڀارتي ايئرلائين جي اڏام دهلي کان جدو وڃي رهي هئي ته پاڪستاني هوائي حدن ۾ هڪ مرد مسافر جي طبيعت خراب ٿي پئي جهاز جي عملي مسافر کي آڪسيجن فراهم ڪئي پر حالت وڌيڪ خراب ٿيڻ تي پائلٽ ڪراچي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان رابطو ڪيو.
ڀارتي پائلٽ ڪراچي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول کان انساني همدردي جي بنياد تي ڪراچي ۾ ميڊيڪل ايمرجنسي ليڊنگ جي اجازت طلب ڪئي.
ايئرپورٽ عملدارن موجب، اجازت ملڻ تي پائلٽ جهاز جو رخ ڪراچي طرف موڙي ڇڏيو ۽ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪئي.
عملدارن موجب، جهاز جي ليڊنگ کانپوءِ پاڪستان سول ايو ايشن اٿارٽي جي ميڊيڪل ٽيم جهاز ۾ وڃي مسافر کي طبي امداد فراهم ڪئي- Advertisement -
