- Advertisement -
ڪراچيءَ جي علائقي ڊفينس ۾ هوٽل ٻاهران اداڪارا کي مبينا اغوا ڪرڻ واري ڪوشش جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جڏهن ته وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
اداڪاره نمرا خان جو چوڻ آهي ته هوٽل ٻاهران پنهنجي مائٽن جو انتظار ڪري رهي هيس ته اوچتو اڻڄاتل ماڻهن اچي مٿس هٿيار تاڻيا ۽ کيس هٿيارن جي زور تي گاڏي ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن چيو ته واقعي جي وقت سامهون گارڊ بيٺا هئا پر ڪنهن به مدد نه ڪئي، هن فرار ٿي پاڻ کي محفوظ بڻايو.
هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي حوالي سان ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو.
ٻي پاسي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اداڪاره نمرا جي مبينا اغوا واري واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي .
وزيراعليٰ جي ترجمان موجب وڏي وزير واقعي جي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
ترجمان موجب وڏي وزير ايڊيشنل آءِ جي کي هدايت ڪئي آهي ته شهر ۾ اغوا جا ڪيس ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيڻ گهرجن…
- Advertisement -
