- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ گهر اندر باهه لڳڻ سبب ماءُ ۽ ڌيءُ سڙي فوت ٿي ويون آهن.
اورنگي ٽائون واري علائقي شاهه فيصل چوڪ ڀرسان گهر اندر اوچتو باهه لڳي وئي.
باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ ڌيءُ سڙي فوت ٿي ويون.
اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا، جتي سندن سڃاڻپ 50 ورهين جي ڪليم النساءَ ۽ 25ورهين جي عتيقه طور ٿي.
فائر برگيڊ جي هڪ گاڏي باهه تي ضابطو آڻي ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته گهر اندر باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ ڌيءُ سڙي فوت ٿي ويون آهن، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…………
- Advertisement -
