- Advertisement -
ڪرم ضلعي ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي واري ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز ۽ بيگناهه شهرين تي حملي ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان ڌماڪيدار مادو، گوليون ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته دهشتگردن جي ٿاڪن کي پڻ تباهه ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ ٻين دهشتگردن جي ڳولا لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.- Advertisement -
