- Advertisement -
ڪنڌڪوٽ ڀرسان ساوند- سندراڻي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان وڌيڪ هڪ نوجوان قتل ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
گبلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد صلاح سندراڻي ۾ ساوند ۽ سندراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھڪ دفعو ٻيھر جھيڙو ٿي پيو.
جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين هڪٻئي مٿان راڪيٽ لانچرن ۽ جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو عبدالرزاق سندراڻي قتل ٿي ويو ۽ لالو سندراڻي سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿيا پيا.
ڌرين جي هڪٻئي مٿان وقفي وقفي سان فائرنگ سبب علائقو نوگو ايريا ۽ ماڻهن ۾ خوف پکڙيل آهي.- Advertisement -
