تازه ترين

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان فلسطين جي ڀرپور حمايت جو اعلان

- Advertisement -
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان فلسطين جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو آهي، منير اڪرم جو چوڻ آهي ته اسرائيل جون ڪارروايون وسيع ۽ خطرناڪ تڪرار جي صورت اختيار ڪري سگهن ٿيون، فلسطينين جي جدوجهد کي دهشتگردي سان نه ڳنڍيو وڃي. سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو ته فلسطيني پنهنجي دفاع جو حق رکن ٿا، سندن جدوجهد کي دهشتگردي سان نه ڳنڍيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، فلسطينين جي ناڪابندي ۽ خوراڪ توڙي امداد روڪڻ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. منير اڪرم چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اسرائيل کي عالمي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو ذميوار قرار ڏي. هن چيو ته اسرائيل جون ڪارروايون وسيع ۽ خطرناڪ تڪرار جي صورت اختيار ڪري سگهن ٿيون، صورتحال جا ذميوار اُهي ئي ماڻهو آهن، جيڪي ان تڪرار کي هٿي ڏئي رهيا آهن…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
9 %
7.6kmh
67 %
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون