- Advertisement -
آءِ ايم ايف ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لک رپورٽ جاري ڪندي پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 3 ڏهائي 6 سيڪڙو ۽ مهانگائي 6 سيڪڙو رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
عالمي مالياتي اداري طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته هلندڙ سال پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 3 ڏهائي 6 سيڪڙو رهندي.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته گذريل سال پاڪستان جي معاشي ترقي جي رفتار 2 ڏهائي 7 سيڪڙو هئي.
آءِ ايم ايف موجب پاڪستان ۾ هلندر مالي سال بيروزگاري گهٽ ٿي 7 ڏهائي 5 سيڪڙو تائين اچڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته گذريل مالي سال دوران پاڪستان ۾ بيروزگاريءَ جي شرح 8 سيڪڙو هئي.
آءِ ايم ايف ملڪ ۾ هلندڙ سال مهانگائي جي شرح 6 سيڪڙو تائين محدود رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، گذريل سال مهانگائي جي شرح 4 ڏهائي 5 سيڪڙو هئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جي ڀيٽ ۾ ٻڙي ڏهائي 4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي……….- Advertisement -
