- Advertisement -
پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان هر شهري جي برابر جي ڌرتي آهي، ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به مذهب سان هجي.
هڪ بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قوم جي حقيقي طاقت ان جي سمورن شهرين جي وقار، برابري، آزادي ۽ برابري جي شهريت ۾ لڪل آهي.
سندس چوڻ هوته اقليتي برادرين جون قربانيون، خدمتون ۽ قومي تعمير ۾ سندن ڪردار ملڪ جي وجود جو حصو آهن.
هن چيو ته سندن اقليتن جا خواب هنن جا خواب ۽ سندن اميدون هنن جون اميدون آهن، سندن اقليتن جو مستقبل پاڪستان جي مستقبل کان الڳ ناهي.
پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي اقليتي برادرين جي آئيني حقن، مذهبي آزادي ۽ برابريءَ جي شهريت جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته قائداعظم جو ويزن اهڙو پاڪستان گهري ٿو، جتي هر شهري خوف ۽ ويڳي ماءُ واري سلوڪ کان پاڪ ماحول ۾ وقار سان زندگي گذاري سگهي.
سندس چوڻ هو ته 1973ع جو آئين قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو قوم لاءِ تاريخي تحفو آهي، 1973ع جو آئين سمورن شهرين جي برابر حقن ۽ مذهبي آزادي جي ضمانت ڏئي ٿو.
هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو انساني حقن، اقليتن جي حقن ۽ برابري جي هميشه هڪ سگهاري آواز ۽ علمبردار رهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صدر آصف علي زرداري پنهنجي پهرين صدارتي دور ۾ 11 مارچ کي اقليتن جو قومي ڏينهن طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو، سندس اهو قدم رواداري، هم آهنگي ۽ قومي ٻڌي کي هٿي ڏيڻ لاءِ سندس پائيدار عزم جو عڪاس آهي.
هن چيو ته قوم اڄ اهڙي پاڪستان جي تعمير لاءِ پنهنجي عزم جي تجديد ڪري ٿي، جتي هر مذهب جو احترام ڪيو وڃي، اهڙي پاڪستان جي اڏاوت جو عهد ڪريون، جتي هر آواز کي وقار سان ٻڌو وڃي.
سندس چوڻ هو ته قوم اهڙي پاڪستان جي اڏاوت جو عهد ڪري، جتي هر شهري کي برابر حق، موقعا ۽ محفوظ مستقبل حاصل هجي.- Advertisement -
