آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس 9 مئي تي ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان کي قرض پروگرام جي ايندڙ قسط جاري ڪرڻ لاءِ مشن جي سفارشن جو جائزو ورتو ويندو.
اجلاس ۾ موسمي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ رقم جي پهرين قسط جاري ڪرڻ جي منطوري به بحث هيٺ ايندي.
ذريعن موجب موسمي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ منظوري جي صورت ۾ پاڪستان کي تقريبن 70 ڪروڙ ڊالر ملڻ جو امڪان آهي.
پاڪستان جو دورو ڪندڙ وفد اي ايف ايف پروگرام تحت پاڪستان کي 1.1 بلين ڊالر فراهم ڪرڻ جي سفارش ڪئي.
پاڪستان جو دورو ڪندڙ پرڏيهي جائزي مشن 25 مارچ تي قرض جي ايندڙ قسط جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، جيڪڏهن آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ سفارشن جي منظوري ڏئي ٿو ته پاڪستان کي اها رقم 12 مئي تائين ملي ويندي………….