جنگ جي خاتمي سان خطي ۾ نئين سفارتڪاري، معاشي ترقي ۽ عالمي رستا کلي ويندا : عباس عراقچي

spot_img
پاڪستان ۽ قطر آمريڪا سان ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ نيون تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ٽياڪڙن ذريعي تجويزون ملڻ جي تصديق ڪندي چيو ته جنگ جي خاتمي سان خطي ۾ نئين سفارتڪاري، معاشي ترقي ۽ عالمي رستا کلي ويندا. سندس چوڻ هو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ دوران ايران جي صنعتن کي نقصان پهچايو آهي، تاريخي يادگارن ۽ ثقافتي ورثي جي هنڌن تي به حملا ڪيا ويا آهن. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته سياحت ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي هٿي وٺرائڻ سان ملڪي معيشيت کي مستحڪم ڪرڻ، سرحد پار سهڪار کي وڌائڻ ۽ عالمي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
16%
2.5m/s
0%
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °
اربع
17 °

تازه ترين خبرون