اڳوڻي خيرپور رياست جي والي مير علي مراد خان ٽالپر جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس پٽن ۾ اختلاف سامهون اچي ويا آهن

spot_img
اڳوڻي خيرپور رياست جي والي مير علي مراد خان ٽالپر جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس پٽن ۾ اختلاف سامهون اچي ويا آهن. جاري ڪيل بيان ۾ مير عباس رضا ٽالپر چيو ته سندس والد جي لاڏاڻي کانپوءِ جانشيني جي معاملي تي بنا سبب تڪرار پيدا ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته روايتن ۽ اسلامي اصولن موجب پڳ جو حقدار وڏو پٽ هوندو آهي. سندس چوڻ هو ته 15 مارچ 2025ع تي سندس والد کيس ليٽر ذريعي پنهنجو جانشين مقرر ڪيو هو، جنهن تي سندس ڀاءُ مهدي رضا ٽالپر جي صحي موجود آهي. مير عباس رضا ٽالپر الزام لڳائيندي چيو ته سندس والد جي وفات کانپوءِ نيون نيون وصيتون سامهون اچي رهيون آهن، جڏهن ته والد جي عمر ۽ وڊيو بيان رڪارڊ ڪرائڻ واري طريقيڪار تي به سوال آهن، ايڏي وڏي فيصلي جا شاهد به نوڪر هئا، خاندان جي معزز شخصيتن کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو. هن دعويٰ ڪئي ته سندس والد جي وفات کان هڪ مهينو اڳ فيض محل مير مهدي رضا ٽالپر جي نالي ڪرايو ويو، جنهن جا ڪاغذ والد جي لاڏاڻي کانپوءِ سامهون آيا، جڏهن ته خاندان جي ٻين ڀاتين کي ان بابت ڪا ڄاڻ نه هئي. سندس چوڻ هو ته فيض محل هڪ تاريخي ورثو آهي ۽ اسلامي قانون موجب ان جي ورهاست ٻن ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ ۾ ٿيڻ گهرجي. مير عباس رضا ٽالپر چيو ته هڪ ڪيئر ٽيڪر عورت والد کان وڊيو بيان به رڪارڊ ڪرايو، جنهن تي ڪيترائي سوال آهن. سيڪيورٽي خدشن سبب آءِ جي سنڌ کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني آهي، هو پنهنجي والد جو جانشين، پڳ، منڊي ۽ تلوار جو حقدار پڻ آهي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19 ° C
19 °
19 °
13%
2.6m/s
0%
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون