تازه ترين

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو

- Advertisement -
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو، ايگزيڪٽو بورڊ جي منظوري کانپوءِ پاڪستان کي هڪ ڏهائي 2 ارب ڊالر ملندا. آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان کي اِي ايف ايف تحت تقريبن هڪ ارب ڊالر جڏهن ته آر ايس ايف تحت 20 ڪروڙ ڊالر فراهم ڪيا ويندا. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سماجي شعبي جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي. آءِ ايم ايف جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي فنڊن ۾ اضافو ڪري غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ اهم قدم کنيا آهن. آءِ ايم ايف پڌرائي موجب تعليم، صحت ۽ معاشي سڌارن جي سعبن ۾ وفاق ۽ صوبن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو مالياتي خسارو گذريل 14 سالن جي بهترين سطح تي آهي. عالمي مالياتي فنڊ موجب پاڪستان ٽيڪس سڌارن تي عمل ۽ پاليسي سطح تي تڪڙا قدم کنيا آهن. آءِ ايم ايم موجب وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ٽيڪس نيٽ ورڪ وڌائڻ ۽ روينيو ۾ واڌ جي لاءِ سهڪار تي زور ڏنو ويو آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ناڻي جي ذخيرن کي 5 کان 7 سيڪڙو جي حد اندر رکڻ ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بينڪ سخت مالي پاليسي برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي. توانائي جي شعبي بابت آءِ ايم ايف واضح ڪيو آهي ته پاڪستان کي سرڪلر ڊيبٽ ۾ گهٽتائي، بجلي جا نقصان گهٽائڻ ۽ ورهاست وارين ڪمپنين جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جا هدف حاصل ڪرڻا پوندا. آءِ ايم ايف طرفان وڌيڪ چيو ويو آهي ته زرعي شعبي ۾ حڪومتي مداخلت گهٽائڻ، پيدوار وڌائڻ ۽ عالمي واپار کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ نئين ٽيرف پاليسي تي عمل ڪرڻو پوندو. پڌرائي ۾ ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ، آبي وسيلن جي بهتر استعمال ۽ توانائي سڌارن جي تسلسل تي به زور ڏنو ويو آهي. آءِ ايم ايف مشن پاڪستان ۾ ٻُڏ جي نقصانن تي گهري ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ حڪومت پاڪستان جي مهمانوازي تي ٿورا مڃيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
33 %
2.7kmh
1 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون