تازه ترين

آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس اڄ ٿيندو، قرض منظوري جي اميد

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب اميد ظاهر ڪئي آهي ته اڄ ٿيندڙ آءِ ايم ايف جي بورڊ اجلاس ۾ 7 ارب ڊالرن جو قرض ملي ويندو. پاڪستان ريجنل اڪنامڪ فورم ۽ پاڪستان ۾ چين جي سفارتخاني جي ڀائيواري سان ڪوٺايل پرائيويٽ سيڪٽر انويسٽمينٽ ڊائيلانگ سي پيڪ ٽو تي نيويارڪ مان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته حڪومتي قدمن سان مهانگائي ۽ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي، پاڪستان ٽيڪس، توانائي ۽ ادارتي پروگرام تحت سڌارن واري ايجنڊا تي عمل جاري رکندو. محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته  هو پنهنجي جاري سڌارن واري ايجنڊا مان مطمئن آهن ۽ پاڪستان ۾ معاشي استحڪام اچي رهيو آهي، سيڙپڪاري جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو، جنهن سبب ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌ ٿي رهي آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته قرض پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف جي لازمي شرطن کي پورو ڪرڻ ۽ پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ سهڪار تي پاڪستان چين جو ٿورائتو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
35 %
1.8kmh
39 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
36 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون