تازه ترين

آءِ ايم ايف جي مطالبي تي وفاقي حڪومت اين ايف سي ايوارڊ مان ڪٽوتي نٿي ڪري سگهي: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي حڪومت کان نئون اين ايف سي ايوارڊ جلد جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي مطالبي تي وفاقي حڪومت اين ايف سي ايوارڊ مان ڪٽوتي نٿي ڪري سگهي، آئين ۾ لکيل آهي ته اين ايف سي مان صوبن جو حصو گهٽ نٿو ڪري سگهجي، جيڪي شيون آئين ۾ لکيل آهن انهن سان هٿ چراند نٿي ڪري سگهجي.

ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته جنرل تي 9، عورتن، ٽيڪنو ڪريٽس ۽ اقليتن تي 3، 3 نامزدگي فارم ڀرايا ويا آهن، اميد آهي ته پنهنجي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائيندا.

سندس چوڻ هو ته سينيٽ جي ڳجهي ووٽنگ ٿيندي آهي، ڪوبه ميمبر ووٽ پارٽي خلاف ڏئي سگهي ٿو، بجيٽ هجي يا ووٽ هو ته پارٽي پاليسي خلاف نٿو وڃي سگهي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اڄ جنرل، ٽيڪنوڪريٽ، عورتن ۽ اقليتن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن، پارٽي قيادت سومر تي ٽڪيٽون جاري ڪندي، وزيراعظم ۽ وڏي وزير جي ووٽ خلاف نٿا وڃي سگهن.

هن چيو ته اسپيڪر، صدر ۽ سينيٽ ۾ پابندي ناهي هوندي، 12 مان 12 ئي سيٽون ملڻ جي خواهش آهي، عورتن، ٽيڪنو ڪريٽ ۽ اقليتن تي ڪنهن ٻي نامزدگي ڪاغذ جمع ناهن ڪرايا.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پيپلزپارٽي سينيٽ جي جنرل سيٽن لاءِ سرفراز راڄڙ، ڪاظم شاهه، اشرف جتوئي، مسرور احسن نديم ڀٽو ۽ دوست علي جيسر فارم جمع ڪرايا.

مراد علي شاهه چيو ته سينيٽ جي ٽيڪنو ڪريٽ سيٽن لاءِ ضمير گهمرو ۽ سرمد علي فارم جمع ڪرايا، عورتن جي سيٽن لاءِ قرت العين مري ۽ روبينا قائمخاني، جڏهن ته اقليتن جي سيٽ لاءِ پونجو مل ڪاغذ جمع ڪرايا.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪيترن ئي آفيسرن کي تبديل ڪرڻو آهي، جتي جتي سٺو آفيسر ملي ويندو آهي ان کي تبديل ڪندا، گهرو وزير جي تجويز تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون آهن، امن امان جي صورتحال جلد بهتر ٿيندي.

هن چيو ته جيستائين نئون ايوارڊ نه اچي تيستائين 2010ع جو ايوارڊ هلي رهيو آهي، سندن ڪوشش آهي ته نئون ايوارڊ اچڻ گهرجي، وفاق جو پنهنجو موقف آهي هو چاهن ٿا ته نئون ايوارڊ جاري ڪيو وڃي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته آءِ ايم ايف جي دٻاءَ تي وفاقي حڪومت اين ايف سي ايوارڊ مان ڪٽوتي نٿي ڪري سگهي، آئين ۾ لکيل آهي ته اين ايف سي مان صوبن جو حصو گهٽ نٿو ڪري سگهجي، جيڪي شيون آئين ۾ لکيل آهن انهن سان هٿ چراند نٿي ڪري سگهجي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
0.6 ° C
0.6 °
0.6 °
33 %
4.5kmh
0 %
خميس
10 °
جمعو
11 °
ڇنڇر
13 °
آچر
14 °
سُومر
12 °

تازه ترين خبرون