تازه ترين

آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٿي آهي، سندن مشن مئي جي وچ تائين پاڪستان پهچندو: محمد اورنگزيب

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٿي آهي، سندن مشن مئي جي وچ تائين پاڪستان پهچندو، خواهش آهي ته جون جي آخر يا جولاءِ جي شروع تائين اسٽاف ليول معاهدو ٿي وڃي، ٽيڪس نظام جي بهتري سان آمدني ۾ اضافو ٿيندو.

واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف پروگرام جو جو ڪاٿو ۽ دورانيو ڇا هوندو؟ ان جو فيصلو بجيٽ ۾ ڪيو ويندو.

ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته وڏن سيڙپڪارن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو اشارو ڏنو آهي، سعودي عرب پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو، سعودي وفد ٻڌايو ته ڪجهه ٽرانزيڪشن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٿي وينديون، معاشي لاڳاپن جي بحالي پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي.

هن چيو ته ادارن کي خانگائڻ لاءِ ڪم جاري آهي، چيني مارڪيٽ تائين پهچ لاءِ به ڪوششون جاري آهن، معيشت جي بحالي جي حوالي سان هدايتون واضح آهن.

ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي آهي، ٽيڪس نظام جي بهتري سان آمدني ۾ اضافو ٿيندو هو ايف بي آر سسٽم ۾ ڊجيٽلائيزيشن آڻي رهيا آهن.

ٻئي پاسي امريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان جو چوڻ هو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ طرفان سٺيون خبرون اينديون، امريڪي عملدارن پاڪستان سان ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي.

ناڻي واري وزير جي آمريڪا دوري بابت ڳالهائيندي مسعود خان چيو ته محمد اورنگزيب آمريڪا ۾ سعودي عرب، چين، ترڪي ۽ ٻين ملڪن جي ناڻي واري وزيرن سان به ملاقاتون ڪيون.

هن چيو ته آمريڪا ۾ پاڪستان بابت روين ۾ تبديلي آئي آهي، پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن…..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
26 %
0.7kmh
17 %
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون